رانڪ گورستان/ مرزا عيسيٰ جي رانڪ

رانڪ گورستان/ مرزا عيسيٰ جي رانڪ

رانڪ گورستان مرزا عيسيٰ جي رانڪ

رانڪ گورستان/ مرزا عيسيٰ جي رانڪ: مرزا عيسيٰ ننڍي جي رانڪ، مڪليءَ ۾ واقع آهي، تعمير جو اهڙو نادر نمونو وِرلي ملندو. نامور محقق مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو ته، ”هن عمارت لاءِ پٿر مرزا عيسى هندستان مان گهرايا هئا. ارڙهن سال عمارت جي تعمير ۾ لڳا. تعمير دوران ئي مرزا عيسى وفات ڪئي، مرزا عيسى جو گهڻو وقت گجرات ۾ گذريو، تنهنڪري ڪن جو خيال اهو آهي ته هن عمارت جا پٿر هندستان مان نه بلڪ گجرات مان موڪليا ويا هئا. هڪ خطي بياض مان معلوم ٿئي ٿو ته مرزا عيسيٰ 1037هه/1627ع ڌاري هن عمارت جو ڪم شروع ڪرايو ۽ 1054هه/ 1644ع ۾ ختم ڪيو، اُهو عرصو سترهن سالن جو ٿيو. غالباً اُن ۾ پهريون لاش چئن سالن بعد 1058هه/1648ع ۾ مرزا عيسيٰ جي پُٽ مرزا عنايت الله جو دفن ٿيو. ڪن روايتن موجب پٿر جي گهاڙ ۽ چٽساليءَ جو مرزا عيسى پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪرائي ٺهيل ٺُڪيل بوتو سنڌ موڪليو هو. گجرات پٿر جي گهاڙ ۽ اُڪر جي ڪم ۾ هميشه مشهور رهيو آهي. سنڌ ۾ به اِهو ڪم گُجراتي استاد ڪندا هئا. رانڪ جي عمارت ٻه طبقي آهي. ايوان ۾ داخل ٿيڻ جو دروازو اوڀر کان ۽ مقبري ۾ اندر وڃڻ جو دروازو ڏکڻ کان آهي. سڄي عمارت ٿلهي تي آهي. ورانڊا چوڪور نقشي موجب پٿر جي ٺُل تي بيٺل آهن. ڇت ۾ به چؤڪور نموني جا شهتير پيل آهن. مرڪزي قبرون ڪمري جي وچ ۾ آهن. رانڪ جو هشت پهلو گُنبذ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو